قاهره-17 اپريل (اي پي پي) مصر جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته 19 جنوري تي طئي ٿيل غزه معاهدو ئي پائيدار امن ، مستقل جنگ بندي ۽ سمورن مغوين جي آزادي لاءِ ڪم ڪرڻ جو واحد رستو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب هن ڪالهه پنهنجي پولينڊ جي هم منصب سان قاهره ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيلي قيدين جي هڪ گروپ جي آزادي لاءِ مصر جون ڪوششون تيزي سان جاري آهن جنهن سان جنگ بندي ۽ جارحيت کي روڪڻ ۽ غزه پٽي ۾ انساني ۽ طبي امداد کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي . هن چيو ته اسان قطر ۽ آمريڪي انتظاميه سان رابطي ۾ آهيون. هن غزه پٽي جي صورتحال کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته 18 مارچ تي اسرائيل جارحيت جي ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل پاران امداد جي فراهمي روڪڻ جي نتيجي ۾ انساني ۽ طبي حالتون انتهائي نازڪ آهن.