رياض-17 اپريل (اي پي پي )مڪي شريف جي پوليس فرضي حج ڪمپني ۽ جلي مهم هلائيندڙ مقامي شهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مڪي شريف جي پوليس چيو آهي ته ان شخص اشتهاري دعويٰ ڪئي آهي ته ان وٽ حج پانڌيئڙن لاءِ رهائش، ڪيمپ ۽ ٽرانسپورٽ جو انتظام آهي. پوليس چيوآهي ته ان شخص کي گرفتار ڪندي سندس قبضي مان ڌوڪو ڏئي حاصل ڪيل پئسا به ضبط ڪيا ويا آهن. مڪي شريف جي پوليس مقامي شهرين ۽ پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي ته حج ڪرڻ لاءِ وزارت جي ويب سائيٽ تان بڪنگ ڪرائين ۽ ڌوڪو ڏيندڙن کان پاسو ڪن .