صنعا-17 اپريل (اي پي پي)يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ آمريڪا رهائشي علائقي ۽ ٻين علائقن تي فضائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مقامي صحت کاتي جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪا گذريل رات صنعا جي مرڪزي علائقي النهده ۾ فضائي حملي ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو. ٻئي پاسي مقامي ميڊيا ذريعن صنعا ۽ ان جي آس پاس وارن ڪيترن ئي هنڌن تي اٽڪل 20 آمريڪي فضائي حملن جو اطلاع ڏنو، انهن ۾ ڪوهه نڪم ۾ الحفا ملٽري سائٽ ۽ بني حشيش، نهم ۽ مناخه جا ضلعا شامل آهن.