پيانگ يانگ-17 اپريل (اي پي پي)اتر ڪوريا چيو آهي ته آمريڪا جي معمولي سيڪيورٽي خطري کي به برداشت نه ڪنداسين. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه اتر ڪوريا جي دفاع واري وزارت جي ترجمان ڏکڻ ڪوريا سان گڏيل فوجي مشق ۾ آمريڪي اسٽريٽجڪ بمبار جهاز بي ون بي جي اڏام جي ردعمل جي هڪ بيان ۾ چئي. هن ڏکڻ ڪوريا سان گڏيل فوجي مشق ۾ آمريڪي اسٽريٽجڪ بمبار جهاز بي ون بي جي مقرري کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏيندي چيو ته بي ون بي جهاز جو بار بار ظاهر ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته آمريڪا ٽڪراءُ وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ڇو جو انهن قدمن سان فوجي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اتر ڪوريا جي دفاع واري وزارت سختي سان تنبيهه ڪري ٿي ته آمريڪا طرفان فوجي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو دوکو، جيڪو اسان جي رياست لاءِ هڪ سنگين سيڪيورٽي خطرو آهي، آمريڪي سلامتي لاءِ ناڪاري نتيجن جو سبب بڻجندو. هن چيو ته اتر ڪوريا مزاحمت لاءِ اعليٰ ذريعا استعمال ڪندو ۽ آمريڪا کي اهو ياد ڏياريندو رهندو ته بنا اطلاع جي آمريڪي اسٽريٽجڪ ذريعن جي مقرري طاقت جو غير ذميوارڻو ۽ غير ضروري استعمال آهي.