دبئي _17 اپريل (اي پي پي)گڏيل عرب امارات برطانيه جي ميزباني ۾ سوڊان بابت لنڊن ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز سوڊان جي عوام جي نمائندگي ناهن ڪري رهيا.پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهي ٻئي سوڊان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن . امارات ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته عمل طرف منتقلي ۽ هڪ آزاد ۽ سويلين قيادت هيٺ حڪومت جي جوڙجڪ ئي سوڊان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهي ٿي . لنڊن ۾ امارات جي وفد جنهن جي سربراهي اسسٽنٽ سياسي معاملن بابت پرڏيهي وزير ڪئي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سوڊان ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سياسي عمل ۾ منتقلي ۽ فوجي ڪنٽرول کان آزاد سويلين قيادت هيٺ حڪومت جوڙڻ جي واضع هدف سان هڪ موثر سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته حقيقي ۽ موثر اثر پوڻ لاءِ قابل عمل نئون طريقيڪار ٺاهيو وڃي . هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو منظم رڪاوٽن جو مقابلو ڪرڻ ۽ خوراڪ جي امداد کي عام شهرين خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مربوط انداز اختيار ڪيو وڃي . هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهرجي ته خودمختياري جو غلط استعمال بک جو جواز پيش نٿو ڪري سگهي ۽ نه وري ان کي ماڻهن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪي انساني همدردي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندا آهن .