بيجنگ _ 17 اپريل (اي پي پي ) چين چيو آهي ته آمريڪي ٽيرف ۾ اضافو هاڻي معاشي معنيٰ نٿو رکي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چين جي ڪجهه مصنوعات تي آمريڪا طرفان 245 سيڪڙو ٽيرف هاڻي معاشي معنيٰ نٿو رکي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته چين اها ڳالهه بلڪل واضع ڪري ڇڏي آهي ته چين تي آمريڪي ٽيرف ۾ اضافو هڪ نمبر گيم بڻجي وئي آهي . جنهن سان معاشي طورتي هاڻي ڪو وڌيڪ فرق نه پوندو . سواءِ ان جي ته آمريڪا ٻين کي مجبور ڪرڻ ۽ چيڙائڻ لاءِ ٽيرف کي هٿيار بڻايو آهي .هن چيو ته چين اهڙيون جنگيون وڙهڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي آمريڪا کان ڊڄي ٿو . ترجمان چيو ته ٽيرف ۽ واپاري جنگ جو ڪو فاتح ناهي هوندو . هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ٽيرف سان نمبر ون جي اها راندي کيڏي رهيو آهي ته ان کي رڳو نظر انداز ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن آمريڪا چين جي حقن ۽ مفادن کي حقيقي نقصان پهچائڻ جاري رکيو ته چين پرعزم جوابي قدمن سان جواب ڏيندو .