رياض-16 اپريل(اي پي پي)خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم بن سلطان اسڪندر سان ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم عبدالله احمد بدوي جي لاڏاڻي تي تعزيتي پيغام موڪليو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شاهي ايوان مان جاري تعزيتي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم عبدالله احمد بدوي جي لاڏاڻي جو اطلاع مليو جنهن تي تمام گهڻو ڏک پهتو اسان طرفان پر خلوص تعزيت کي قبول ڪيو وڃي. هنن ڌڻي در دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس ڪٽنب کي صبر ڏئي. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران به ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.