اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جي بهتري جي لاءِ اهم سرڪاري ادارن جو بين الوزارتي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي هم آهنگي جي فروغ ۽ پاليسي جي لاڳو ڪرڻ جي عمل جي بهتري جي طريقيڪار جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اهو فعال قدم حڪومت جي شفاف، ذميواراڻي ۽ موثر حڪمراني جي عزم جي تصديق ڪري ٿو.