واپار واري وزارت 4 آگسٽ تي 10هين پاڪستان- ايران گڏيل واپاري ڪميٽيءَ جي اجلاس جي ميزباني ڪندي

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وزارت 4 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ 10هين پاڪستان- ايران گڏيل واپاري ڪميٽيءَ (جي ٽي سي) جي اجلاس جي ميزباني ڪندي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس جي گڏيل صدارت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار بابت وزير محمد اتابڪ ڪندو. واپار وارو اسپيشل سيڪريٽري سيد حميد علي ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وزارت 4 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ 10هين پاڪستان- ايران گڏيل واپاري ڪميٽيءَ (جي ٽي سي) جي اجلاس جي ميزباني ڪندي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس جي گڏيل صدارت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار بابت وزير محمد اتابڪ ڪندو. واپار وارو اسپيشل سيڪريٽري سيد حميد علي ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ايران جي 22 رڪني اعليٰ سطحي سرڪاري وفد سان ايران چيمبر آف ڪامرس، انڊسٽريز، مائنز اينڊ ايگريڪلچر (آءِ سي سي آءِ ايم اي) جي قيادت ۾ 16 رڪني ڪاروباري وفد به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. گڏيل واپاري ڪميٽي ٻه طرفن واپاري قدمن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺندي ۽ پاڪستان- ايران آزاد واپاري معاهدي کي اڳتي وڌائڻ، سرحد پار واپار کي سهولت ڏيڻ، ڪسٽمز ۽ بئنڪاري سهڪار کي مضبوط بنائڻ، چُرپر ۽ ٽرانزٽ رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں