حيدرآباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات، آثارِ قديمه واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت، سياحت، نوادرات، آثارِ قديمه ۽ لائبريريز کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. آفيسرن صوبائي وزير کي حيدرآباد ۾ پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه آثارِ قديمه ۽ نوادرات کاتي کي هدايت ڪئي ته …
ثقافت بابت صوبائي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، تاريخي عمارتن ۽ ورثي جي مڪمل تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي: سيد ذوالفقار علي شاهه

مزید خبریں
حيدرآباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات، آثارِ قديمه واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت، سياحت، نوادرات، آثارِ قديمه ۽ لائبريريز کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. آفيسرن صوبائي وزير کي حيدرآباد ۾ پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه آثارِ قديمه ۽ نوادرات کاتي کي هدايت ڪئي ته تاريخي عمارتن ۽ ورثي جي مڪمل تحفظ کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. سيد ذوالفقار علي شاهه هدايت ڪئي ته مکي هائوس سميت سڀني تاريخي ۽ سياحتي ماڳن تي سياحن کي بهترين ۽ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سنڌ ميوزيم تائين عوام جي آسان رسائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سياحن لاءِ سموريون ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته ثقافتي ورثي تائين نوجوانن جي رسائي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، تنهن ڪري اهڙن ماڳن کي نوجوان نسل لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻايو وڃي. هن لائبريرين بابت هدايت ڪندي چيو ته شاگردن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته شاگردن سان لاڳاپيل معاملن ۾ ڪنهن به شڪايت تي آفيسرن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته لائبريرين ۾ نوجوانن جي آمد هڪ صحتمند ۽ علم دوست معاشري جي علامت آهي، تنهن ڪري شاگردن جي سهولت بابت جاري ڪيل هدايتن تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.











