اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان عالمي بئنڪ ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايف سي پاڪستان ريلوي کي جديد بنائڻ لاءِ سڌارن ۾ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي بئنڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر پنڪج گپتا جي سربراهيءَ ۾ وفد عالمي بئنڪ جي پروگرام ليڊر محمد حنيف ۽ آءِ ايف سي جي ڪنٽري پرنسپل آفيسر ناز خان تي ٻَڌل هو. ان موقعي تي مملڪتي وزير چيو ته ريلوي کي جديد بنائڻ ۽ بهترين سفري خدمتن جي فراهمي وزيراعظم جي پهرين ترجيح آهي. ريلوي جي ترقي معيشت جي رفتار تيز ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندي. وفد مملڪتي وزير کي ريلوي انفراسٽرڪچر سميت ٻين شعبن ۾ سڌارن ۽ بهتريءَ لاءِ مختلف تجويزن تي بريف ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ريلوي جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون ۽ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.