اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل اسد مجيد خان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ترقيءَ لاءِ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد، تهران، استنبول، روڊ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور کان علاوه پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪوريڊور ۽ يورو ايشين ٽرانسپورٽ لنڪ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اي سي او جي سيڪريٽري جنرل وفاقي وزير کي جون ۾ تهران ۾ ٿيندڙ تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي ٻُڌايو ته وچ ايشيائي رياستن ترڪيه ۽ پاڪستان سميت 10 ملڪ ان تنظيم جا ميمبر آهن، جيڪي گڏيل تعاون سان مختلف شعبن ۾ گڏيل قدم کڻي سگهن ٿا. وفاقي وزير، سيڪريٽري جنرل جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ هيومن ريسورس ۽ ورڪ فورس لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وڌيڪ ته ان 10 ملڪن وچ ۾ مواصلات، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ مواصلات جي شعبي ۾ جدت لاءِ ڊجيٽلائزيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ايران، افغانستان ۽ چين ذريعي پاڪستان مان آذربائيجان ۽ ٻين وچ ايشيائي رياستن تائين واپاري روٽس فعال طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن گذريل سال آگسٽ ۾ اي سي او جو 14هين سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ تي اسد مجيد خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس ان تنظيم ۾ پاڪستان طرفان هر مڪمل سهڪار ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ اهو به طئي ٿيو ته جون ۾ تهران ۾ ٿيندڙ اجلاس کان اڳ خاص ڪري پاڪستان ۽ ايران ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ واپاري معاملن تي هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن ان کان پوءِ تيزيءَ سان اڳڀرائي ٿي سگهي.