اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جو خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد جو جذبو نٿو ختم ڪري سگهي، جيستائين هڪ به پاڪستاني زندهه آهي ڪشمير مسئلو زندهه رهندو. هو ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) اڳواڻ راجا ظفر الحق، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، آزاد ڪشمير اسيمبليءَ جو اسپيڪر لطيف اڪبر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ شهادتون ٿيون آهن ۽ عورتون بيواهه ٿيون آهن، هاڻي به هزارين ڪشميري ڀارتي جيلن ۾ قيد آهي، حريت قيادت به جيلن ۾ آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جو خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جو جذبو ختم ناهي ڪري سگهيو، اڄ به ڪشميري ڀرپور انداز سان پهريان کان وڌيڪ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، جيستائين هڪ به پاڪستاني زندهه آهي ڪشمير مسئلو زندهه رهندو.