سيئول – 08 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت 3 جون تي نيون صدارتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق وزيراعظم ھان ڊڪ سوني گذريل ڏينھن چيو ته حڪومت نئين صدر جي چونڊ لاءِ 3 جون پولنگ جي ڏينھن طور مقرر ڪيو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته ووٽنگ جي سھولت لاءِ 3 جون تي عارضي عام موڪل ٿيندي. ھن چيو ته چونڊون لاءِ 3 جون جي تاريخ ۾ آسان چونڊ وارن قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ سياسي جماعتن کي تياري لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکيو ويو آھي. ھن وزارتن ۽ قومي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آھي ته اھڙيون چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل تياري ڪن جيڪي پھريان کان وڌيڪ منصفاڻيون ۽ شفاف ھجن. چونڊن واري سرڪاري مھم 12 مئي کان شروع ٿيندي جيڪا 2 جون تائين جاري رھندي.