بدين- 06 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي بدين جي ٿاڻي ڪڍڻ جي حدن ۾ ڪُجهه ڏينهن اڳ آئس فروش جوابدارن خلاف پوليس ڪارروائي دوران ٿيل مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عاشق علي ڀنڀرو سان سندس گھر پهچي ملاقات ڪئي ۽ خيريت دريافت ڪندي سندس جلد مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي سندس فرض شناسي، …
بدين جي ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي جي زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عاشق علي ڀنڀرو سان سندس گھر پهچي ملاقات، سندس خيريت دريافت ڪندي

مزید خبریں
بدين- 06 آگسٽ (اي پي پي) بدين جي ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي بدين جي ٿاڻي ڪڍڻ جي حدن ۾ ڪُجهه ڏينهن اڳ آئس فروش جوابدارن خلاف پوليس ڪارروائي دوران ٿيل مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عاشق علي ڀنڀرو سان سندس گھر پهچي ملاقات ڪئي ۽ خيريت دريافت ڪندي سندس جلد مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي سندس فرض شناسي، جرئت، بهادري ۽ پيشيوراڻي عزم کي ساراهيندي چيو ته اهڙا بي خوف ۽ همت وارا پوليس جوان سنڌ پوليس جي لاءِ فخر ۽ قوم جو قيمتي سرمايو آهن، جيڪي امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر وقت پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن.











