خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار 18.81 سيڪڙو جي واڌ سان 10.035 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي مالي سال 26-2025ع دوران خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار 18.81 سيڪڙو جي واڌ سان 10.035 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. شماريات کاتي پاڪستان جي انگن اکرن موجب مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي خدمت جي روانگي اوپار ۾ 18.81 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن موجب جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع دوران خدمتن جي روانگي واپار 10.035 ارب ڊالر رهيو، جڏهن …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان جي مالي سال 26-2025ع دوران خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار 18.81 سيڪڙو جي واڌ سان 10.035 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. شماريات کاتي پاڪستان جي انگن اکرن موجب مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي خدمت جي روانگي اوپار ۾ 18.81 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن موجب جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع دوران خدمتن جي روانگي واپار 10.035 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته مالي سال 2025ع جي ان مُدي ۾ اها شرح 8.446 ارب ڊالر هئي. رپورٽ موجب جائزي واري عرصي دوران خدمتن جي آمدني واپار ۾ به 5.67 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪو مالي سال 2025ع ۾ 11.290 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ وڌي 11.929 ارب ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں