اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريبن ۾ پوليس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي شهيدن جي يادگار تي گلن جون چادرون چاڙهي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي ڏهاڙي جي موقعي …
سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريبون، شهيد اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريبن ۾ پوليس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي شهيدن جي يادگار تي گلن جون چادرون چاڙهي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پشاور ۾ به تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اعليٰ عسڪري، پوليس ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب جو خاص مهمان ڪور ڪمانڊر پشاور، پوليس فورس جي بلند حوصلي ۽ دهشتگرديءَ خلاف انهن جي دليراڻي ڪردار کي کين خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ جي، ايف سي بلوچستان (سائوٿ) پوليس لائنز تربت جو دؤرو ڪري شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. آءِ جي ايف سي بلوچستان (نارٿ) ڪوئيٽه، ڊيرا بگٽي، زوب، سبي، قلعه سيف الله ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي قبرن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. آءِ جي ايف سي بلوچستان (نارٿ) شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقاتون ڪري شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ڪي پي ڪي جي مختلف هنڌن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي مهمند، ڊي آءِ خان، دير، چترال، هنگو، ڪوئيٽه، زوب، تربت ۽ سبي ۾ به تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جتي پوليس جي شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.










