واشنگٽن – 8 اپريل (اي پي پي) اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهين لاءِ وائيٽ هائوس پهچي ويو. جنهن ۾ غزه جنگ، ايران ۽ اسرائيل سميت دنيا تي لاڳو آمريڪي ٽيرف بابت معاملا شامل آهن. ان سلسلي ۾ آمريڪي ايوان صدر ڪو سبب ٻڌائڻ بنا ملاقات بعد ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ گڏيل پريس ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي نمائندي ٻڌايو ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ پريس ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم ناهي. هن ٻڌايو ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ پريس ڪانفرنس سندس پهچڻ کان ڪجهه منٽ اڳ ملتوي ڪئي وئي هئي. فيبروري جي شروعات ۾ آمريڪي صدر جي ميزباني بعد اسرائيلي وزيراعظم جو اهو واشنگٽن جو ٻيو دورو آهي. پنهنجي پهرين دوري دوران ٽرمپ غزه پٽي تي آمريڪي ڪنٽرول لاءِ پنهنجي منصوبي جو اصل چهرو ڏيکاري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو.سندس مقصد غزه کي معاشي طور تي ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ ترقي ڏيڻ هو.