اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2024ع پيش ڪئي. صدر آصف علي زرداري غريب ۽ ڪمزور انشورنس پاليسي هولڊرز کي انصاف جي جلد فراهمي تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي انشورنس محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ 2024ع پيش ڪئي، انشورنس محتسب صدر کي سال 2024ع ۾ اداري جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. انشورنس محتسب انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامين ۽ دوکيبازي تي ٻڌل انشورنس پاليسين جي وڪري جي خلاف شڪايتن جو ازالو ڪري رهيو آهي، بريفنگ دوران هن چيو ته سال 2024ع ۾ انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن کي 2.32 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، انشورنس محتسب 2024ع ۾ 5827 شڪايتن جو ازالو ڪيو. صدر غريب ۽ ڪمزور انشورنس پاليسي هولڊرز کي انصاف جي جلد فراهمي تي زور ڏنو.