اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انتهاپسندي، نفرت ۽ ورڇ جا رويا اسلامي تعليم ۽ سوچ جي خلاف آهن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالم نوجوان نسل کي منفي روين ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه جي يلغار کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن، ڪائونسل پرتشدد عنصرن جي خلاف مضبوط بند ٻَڌو آهي، اسان کي پاڪستان قائم ٿيڻ جي اصل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تدبر ۽ حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻو ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ ڪائونسل پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪري ته جيئن پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي رياست بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم ڪائونسل جي گولڊن جوبلي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته باباءِ قوم ۽ مفڪر پاڪستان جي پاڪيزه خوابن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل قائم ڪئي وئي ۽ خوشي آهي ته هي ادارو انهن ئي مقصدن جي تڪميل جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، الله انهن جون ڪوششون قبول فرمائي ۽ ان محنت جي صدقي پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائي جنهن جو خواب اسان کي بزرگن ڏٺو هو. وزيراعظم چيو ته ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي جا بزرگ به دين جي خدمت جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا، سندس والد شهيد سرفراز نعيمي دهشتگردي کي اسلام جي خلاف قرار ڏنو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي طريقي سان هٿياربند تحريڪن طاقت جي زور تي پنهنجي مرضي جون ڪوششون ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪهڙي طرح انهن جي خلاف مضبوط بند ٻڌو، اها وڏي خدمت آهي جنهن کي پاڪستان جي عوام سدائين ياد رکندي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن ياد ڏيارڻ جو ڏينهن آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ ملڪ ۽ هي ادارو ٺاهيو ويو اهو هڪ مسلسل ڪم آهي. هن چيو ته هن اداري پنهنجي ذميواري وڏي محنت، ديانتداري ۽ ذوق ۽ شوق سان سرانجام ڏني، ان جو صله الله ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪائونسل جي ڪريڊٽ تي اسلامي بئنڪاري جي ڪامياب نظام متعارف ڪرائڻ جو ڪارنامو آهي جيڪو ڪو ننڍو ڪارنامو نه آهي، ان سان دنيا ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ اسلامي بئنڪاري جو نظام پروان چڙهيو ۽ هاڻي غيرمسلمان ملڪن ۾ به ان تي وڏو ڪم ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انتهاپسندي، نفرت ۽ ورڇ جا رويا اسلامي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي تعليم ۽ سوچ جي ابتڙ آهن، عالم سڳورا حق خاص طور تي ڪائونسل تي اها وڏي ذميواري بڻجي ٿي ته اهي نوجوان نسل کي منفي روين، غلط بيانين ۽ ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جي يلغار کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ سڀ گڏجي معاشري جي رهنمائي ڪن، ڪائونسل جا ميمبر فرقيواريت کان پاڪ ۽ قوم جي اندر وحدت ۽ اتحاد ۾ ايندڙ رڪاوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اها اهڙي قومي خدمت آهي جنهن جو انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ صلو ملندو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي دنيا کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو آهي، اسان کي به انهي رفتار سان هلڻو پوندو، ان ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلام اجتهاد جو رستو ڏيکاريو آهي، ان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته اسان کي رياست، معاشري ۽ شخص جي طور تي اسلام جي روشن رستي تي هلڻو آهي ته جيئن پاڪستان قائم ٿيڻ جا مقصد حاصل ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي عظيم قيادت ۾ قوم قربانيون ڏنيون ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو، ان جي لاءِ هجرت ۽ قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آهي، اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن سڀني قربانين کي پنهنجي سامهون رکون ۽ ان رستي تي هلڻ شروع ڪريون جنهن جي لاءِ هي خطرو ورڇ ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسان کي اهو وچن ڪرڻو آهي ته گڏيل تدبر ۽ حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻو آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻو آهي، ان جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل اهم ڪردار ۽ رهنمائي ڪري سگهي ٿي. هن ڪائونسل کي دعوت ڏني ته اها اڳتي وڌي ۽ ان ڏس ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري، اسان سڀ ان جي پٺيان هلنداسين ته جيئن پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي رياست بڻائي سگهجي.