اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊسٽريل ايريا، برڪت مارڪيٽ ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان ڌماڪي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا آهن. وزيراعظم واقعي جي فوري جاچ، ذميوارن جو تعين ۽ انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ شرپسندي ڦهلائيندڙ عنصر بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته شرپسندن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين.