ڪراچي- 26 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ڊينمارڪ جي پاڪستان پورٽ سيڪٽر ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عمل جاري آهي، پورٽ قاسم جي زمين کي صنعتي استعمال ۾ آندو ويندو، زمينن کي حقيقي سيڙپڪارن کي شفاف طريقي سان وڪرو ڪنداسين، پورٽ قاسم جي زمينن تي ريئل اسٽيٽ ڊيلنگ ختم ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت جي سهڪار کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا منصوبا نه ٿا ٿي سگهن. اهڙو اظهار هن پورٽ قاسم تعارفي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پاڪستان پورٽ سيڪٽر ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عمل جاري آهي، ڊينمارڪ جي سيڙپڪاري حڪومت سان گڏجي تيز بنائڻ لاءِ فعال آهيون. هن چيو ته پورٽ قاسم جي زمين کي صنعتي استعمال ۾ آندو ويندو، زمينن کي حقيقي سيڙپڪارن کي شفاف طريقي سان وڪرو ڪنداسين. پورٽ قاسم جي زمينن تي ريئل اسٽيٽ ڊيلنگ ختم ڪئي ويندي، جيڪي الاٽي مقرر وقت ۾ صنعتون نه لڳائي سگهندا انهن جي الاٽمنٽ ختم ڪئي ويندي، پورٽ قاسم جي زمينن جو قانونن جي روشني ۾ نئين سر ڪاٿو لڳايو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت، سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سان گڏجي سيڙپڪاري ڪن، وزارت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، سنڌ حڪومت جي سهڪار کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا منصوبا نه ٿا ٿي سگهن، ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ ۾ وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي جڏهن ته سنڌ حڪومت جو سهڪار اڻٽر آهي. هن چيوت ه سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي معاملن ۽ منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي بهتر بنايو ويندو. پورٽ قاسم سميت ڪي پي ٽي، پي اين ايس سي زمينن لاءِ پاليسي واضح ڪنداسين. هن چيو ته پي اين ايس سي جي جهازن کي فعال مدي ۾ پورو ڪرڻ تي وڪرو ڪيو ويو، انهن جهازن کي بهتري ڊيل ذريعي نسبتن نون جهازن سان تبديل ڪيو پيو وڃي، نون جهازن جي شموليت سان پي اين ايس سي جي مسابقت بهتر ٿيندي. هن چيو ته وزارت جي ذيلي ادارن کان ان جو پلان طلب ڪيو آهي، ماهوار بنيادن تي انهن منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.