بيجنگ- 26 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو برابري ۽ گڏيل احترام جي اصولن جي بنياد تي آمريڪا سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ آمريڪا ۽ چين لاڳاپن جي قومي ڪميٽي جي ايگزيڪيٽو وائيس چيئر ايون گرين برگ سان ملاقات دوران چئي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين هڪٻئي جي جائز خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ تيار اهي. هن چيو ته چين آمريڪا لاڳاپا هن وقت اڳڀرائي جي حوالي سان نازڪ مرحلي تي آهن. هن زور ڀريو ته ٻنهي ڌرين کي اهم اتفاق راءِ ۽ ٻنهي اڳواڻن جي ويزن مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي، مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ گهرجي، گڏيل افهام و تفهيم کي بهتر بڻائڻ گهرجي، غلط فهمين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ گهرجي. نيشنل ڪميٽي آن يونائيٽيڊ اسٽيٽس چائنا رليشنز (اين سي يو ايس سي آر) جو بنياد 1966ع ۾ آمريڪا ۾ سول، مذهبي ۽ ڪاروباري برادرين جي چين مبصرين جي هڪ گروپ رکيو هو، اها تنظيم هڪ غير منافعي بخش تعليمي ادارو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي شهرين وچ ۾ افهام و تفهيم کي بهتر بڻائڻ لاءِ آهي.