اسلام آباد - 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ردالفتنه – 3 تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ردالفتنه – 3 تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ردالفتنه – 3 تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ مهارت جو مظهر آهن. صدر چيو ته فتنه الهندستان ۽ ان جا سهولتڪار پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جا دشمن آهن، انهن جا ڪڌا ارادا هر صورت ۾ ناڪام بڻايا ويندا. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز کي هر محاذ تي ڪاميابي عطا فرمائي.










