اسلام آباد - 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزه جي پٽيءَ ۾ اسرائيل جي مسلسل خلاف ورزين خاص طور تي صحت جي مرڪزن ۽ طبي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ، شهري ٺڪاڻن تي حملن ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت بيگناهه شهرين جي مسلسل مارجڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري …
پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاران غزه پٽيءَ ۾ اسرائيل جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزه جي پٽيءَ ۾ اسرائيل جي مسلسل خلاف ورزين خاص طور تي صحت جي مرڪزن ۽ طبي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ، شهري ٺڪاڻن تي حملن ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت بيگناهه شهرين جي مسلسل مارجڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب 8 اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اهي قدم عالمي قانون، خاص طور تي عالمي انساني قانون جون سنگين خلاف ورزيون آهن. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن خلاف ورزين جو تسلسل عالمي قانون تحت اسرائيل جي ذميوارين ۽ غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي جي کليل خلاف ورزي آهي. سندن چوڻ هو ته اهي قدم منصوبي جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن خاص طور تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان اعلان کانپوءِ ته فلسطيني ڌڙن روڊ ميپ، بشمول هٿيارن جي تجديد بابت شقن کي قبول ڪري ورتو آهي. هنن خبردار ڪيو ته اها صورتحال سياسي عمل کي سبوتاز ڪرڻ، ڇڪتاڻ جي نئين دور کي جنم ڏيڻ ۽ غزه ۾ انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شهرين جو تحفظ، طبي مرڪزن ۽ صحت ۽ انساني همدرديءَ جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عملي جي سلامتي ۽ غزه جي پوري پٽيءَ ۾ انساني امداد، طبي سامان ۽ امدادي شين جي فوري، محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ قانوني ذميواري آهي جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هنن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جاري اسرائيلي خلاف ورزين کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ آبادڪارن جي حملن، غيرقانوني بستين جي توسيع ۽ والاريل يروشلم ۾ تاريخي ۽ قانوني اسٽيٽس کي تبديل ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن کان جدا ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. انهن موجب اهي سمورا قدم گڏجي طاقت جي زور تي ٻڌل حقيقتون مڙهڻ جي منظم پاليسي جو حصو آهن جيڪي ٻه رياستي حل جي بنيادن کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن کي نظرانداز ڪن ٿا جڏهن ته اهي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته اها پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري پوري ڪري ۽ اهڙا عملي ۽ موثر قدم کڻي جن جي ذريعي اسرائيل کي عالمي قانون خاص طور تي عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هنن سنگين خلاف ورزين جي ذميوارن جو احتساب يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن شهرين جو تحفظ ممڪن ٿئي، معاهدي تي عملدرآمد جي تڪميل جا امڪان برقرار رهن ۽ مستقل جنگبندي جي راهه هموار ٿئي. پرڏيهي وزيرن والاريل فلسطيني علائقن کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ، انهن تي اسرائيلي خودمختياري مڙهڻ يا ڀائر فلسطيني عوام کي جبري طور تي بيدخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو. هنن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته منصفاڻي ۽ جامع امن جو واحد رستو هڪ سنجيده سياسي عمل جي شروعات آهي، جيڪو ٻه رياستي حل تي عملدرآمد طرف وٺي وڃي جنهن تحت 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ٿئي، جنهن جي گادي وارو شهر اولهه يروشلم هجي.










