اسان وٽ مخالف ڌر جي اثاثن جو ڪوبه ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ ناهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي حوالي سان حقيقتن جي درستگيءَ لاءِ وضاحت ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ مخالف ڌر جي اثاثن بابت ڪوبه ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ ناهي. انهن خبرن ۾ رول 137 آف اليڪشن رولز 2017ع ۾ تجويز ڪيل ترميم کي ڪميشن آڏو ٻُڌڻيءَ هيٺ ان جي سياسي پارٽي سان ڪارروائيءَ سان جوڙيو ويو آهي جيڪو حقيقتن ۽ قانون ٻنهي …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي حوالي سان حقيقتن جي درستگيءَ لاءِ وضاحت ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ مخالف ڌر جي اثاثن بابت ڪوبه ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ ناهي. انهن خبرن ۾ رول 137 آف اليڪشن رولز 2017ع ۾ تجويز ڪيل ترميم کي ڪميشن آڏو ٻُڌڻيءَ هيٺ ان جي سياسي پارٽي سان ڪارروائيءَ سان جوڙيو ويو آهي جيڪو حقيقتن ۽ قانون ٻنهي لحاظ کان غلط ۽ بي بنياد آهي. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن پنهنجي جاري وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته ٻُڌڻيءَ هيٺ ڪيس پختونخوا عوامي ملي پارٽي جي نئين آئين، انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ ۽ پارٽي اڪائونٽ ۾ ڪنٽريبيوٽر جي سُڃاڻپ بابت آهي. اليڪشن ڪميشن اڳ ئي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137 تحت سمورن ميمبرن جي اثاثن جي جاچ پڙتال ڪري ٿو، ان قانون ۾ نه ئي ڪا ترميم جي سفارش ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ڪميشن جي اختيارن ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي. اليڪشن رولز 2017ع جي رول 137 ۾ تجويز ڪيل ترميم عام نوعيت جي آهي ۽ صرف ۽ صرف شڪ شبها دُور ڪرڻ لاءِ آهي ۽ اڃا ان جي منظوري به نه ٿي آهي.