واشنگٽن – 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين ڪاري سمنڊ ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي. ڳالهين ۾ سهولتڪاري تي سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا شڪر گذار آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس اعلان ڪيو ته روس ۽ يوڪرين ماٺي سمنڊ ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي جڏهن ته يوڪرين ڪاري سمنڊ ۾ حملا بند ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي. سعودي ڳالهين ۾ يوڪرين جي وفد جي سربراهه يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪاري سمنڊ ۾ نيوي گيشن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ، طاقت جي استعمال کي روڪڻ ۽ ڪاري سمنڊ ۾ فوجي مقصد لاءِ واپاري جهازن جي استعمال تي پابندي لڳائڻ سان گڏو گڏ ٻنهي ملڪن جي توانائي جي ڍانچي جي بنيادي ڍانچن تي حملن تي مڪمل پابندي جا صدر جي سطح تي عمل تي اتفاق ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو شڪريه به ادا ڪيو.