والاريل بيت المقدس- 26 مارچ (اي پي پي) رمضان المبارڪ جي 25 هين رات هڪ لک فلسطينين مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب والاريل بيت المقدس ۾ قائم وقف ۽ الاقصيٰ مسجد جي معاملن بابت کاتي چيو آهي ته هڪ لک نمازين ۾ وڌيڪ انگ والاريل بيت المقدس جي مقامي ۽ اولهه ڪناري جي ماڻهن جو هو، جڏهن ته هزارين فلسطيني مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان آيا هئا. جيتوڻيڪ کين جڳهه جڳهه تي اسرائيلي چيڪ پوائنٽس تي روڪيو ويو ۽ انهن کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو. فسلطينين جو اهو انگ اسرائيلي فوج جي لاڳو ڪيل پابندين جي باوجود نماز جي ادائيگي لاءِ مسجد اقصيٰ ۾ موجود هو.