ڪيپ ٽائون -24 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي سفير جنهن کي ٽرمپ حڪومت سان تڪرار سبب آمريڪا مان بي دخل ڪيو ويو هو. پنهنجي ملڪ واپس پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وطن واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. هن آمريڪي حڪومت جي ان فيصلي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ناپسنديدگي ۽ نسل پرستي جي سياست ڪرڻ جي الزام ۾ آمريڪا مان بي دخل ڪرڻ کانپوءِ ابراهيم رسول ڪيپ ٽائون ۾ سوين حامين سان ڳالهائيندي چيو ته گهر واپسي اسان جو فيصلو نه هيو پر اسان بنان ڪنهن افسوس جي گهر آيا آهيون. آمريڪا ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ لاڳاپا ان وقت خراب ٿي ويا جڏهن آمريڪي صدر ڏکڻ آفريقا جي مالي امداد ۾ ڪٽوتي ڪري ڇڏي هئي. ان کان انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف نسل ڪشي جو ڪيس ۽ پرڏيهي پاليسي جا ٻيا تڪرار به انهن فنڊن جي ڪٽوتي جو سبب آهن.