ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن چٽن لفظن ۾ واضح ڪيو ته آئيني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جو ورهاڱو ممڪن ناهي ۽ هن ان ڳالهه کي ورجايو ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن مان ڪنهن به نئين صوبي جي قيام جي مخالفت ۾ ڪيتريون ئي گڏيل قراردادون پاس ڪيون آهن. مقامي هوٽل ۾ سنڌ اينگرو مائننگ ڪمپني …
آئيني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جو ورهاڱو ممڪن ناهي، سنڌ اسيمبلي سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن مان ڪنهن به نئين صوبي جي قيام جي مخالفت ۾ ڪيتريون ئي گڏيل قراردادون پاس ڪيون آهن: سنڌ جو وڏو وزير
ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن چٽن لفظن ۾ واضح ڪيو ته آئيني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جو ورهاڱو ممڪن ناهي ۽ هن ان ڳالهه کي ورجايو ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن مان ڪنهن به نئين صوبي جي قيام جي مخالفت ۾ ڪيتريون ئي گڏيل قراردادون پاس ڪيون آهن. مقامي هوٽل ۾ سنڌ اينگرو مائننگ ڪمپني جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل مائننگ ٽيڪنيڪل ڪانفرنس 2026ع ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جو آئين نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقيڪار واضح طور تي وضع ڪري ٿو جنهن لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ کان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد ذريعي اهڙي قدم جي منظوري گهربل هوندي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازي بيانن بابت پڇيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو سنڌ اسيمبلي سنڌ جي ورهاڱي خلاف ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن. جيستائين ان پوزيشن ۾ ڪا آئيني تبديلي نٿي اچي، سنڌ کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهائي نٿو سگهجي. وڏي وزير چيو ته آئيني معاملن تي بحث پاڻ ۾ خطرناڪ ناهي پر هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت تي صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڀروسو ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو سنڌ جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته پي پي پي وٽ سنڌ جي تحفظ جو عزم ۽ صلاحيت ٻئي موجود آهن. ان کان اڳ ملڪ جي پهرين مائننگ ٽيڪنيڪل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير ٿر جي پٺتي پيل علائقي مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي توانائي ۽ مائننگ حب ۾ تبديل ٿيڻ جي شاندار عمل کي نمايان ڪيو ۽ ان کي سرڪاري ادارن، نجي سيڙپڪارن ۽ مقامي برادرين جي وچ ۾ ڪامياب تعاون جو هڪ ماڊل قرار ڏنو. هن چيو ته هن ڪانفرنس مائننگ ڪمپنين، ٽيڪنيڪل ماهرن، اوزار ٺاهيندڙن، تعليم جي ماهرن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ پاليسي سازن کي پاڪستان جي مائننگ سيڪٽر جي مستقبل تي بحث ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل جدت، ۽ پائيدار ترقيءَ جا رستا ڳولڻ لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو آهي. هن چيو اسان ٿر ۾ وڏي پيماني تي مائننگ جي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اتي حاصل ٿيندڙ تجربا ملڪ جي مختلف حصن سان تعلق رکندڙ اسٽيڪ هولڊرز سان شيئر ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جي وسيع معدني صلاحيتن کي ڪتب ۾ آڻڻ لاءِ مائننگ جي ٿر ماڊل، متاثر ٿيل برادرين جي بحالي ۽ مقامي آبادين جي مدد کي پاڪستان ۾ ٻين هنڌن تي به دهرائڻ گهرجي. مراد شاهه چيو ته پاڪستان وٽ بي پناهه معدني وسيلا موجود آهن پر انهن جي صلاحيتن کي نمايان ڪرڻ لاءِ مسلسل سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ هڪ اڳڪٿي جوڳي پاليسي ماحول جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته سنڌ 2008 ۾ متعارف ڪرايل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ ذريعي پاڪستان جي جديد مائننگ سيڪٽر جي بنياد رکي هئي جنهن اڄ نظر ايندڙ ترقيءَ جو بنياد وڌو. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مائننگ جو مستقبل نه صرف سرمائي جي سيڙپڪاري تي پر انساني وسيلن جي ترقيءَ تي پڻ ٻَڌل آهي. هن مائيننگ ڪمپنين ۽ انڊسٽري جي اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته اهي يونيورسٽين، ٽيڪنيڪل ادارن ۽ تربيتي پروگرامن ۾ سيڙپڪاري ڪن ته جيئن ماهرينِ ارضيات، انجنيئرز، ماحولياتي ماهرن ۽ هُنرمند ٽيڪنيڪل ماهرن جي هڪ نئين نسل تيار ڪري سگهجي. هن صنعت، تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري جو مطالبو ڪندي ريمارڪس ڏنا،ته اڄ جو نپائي ويل ٽيلنٽ ئي سڀاڻي جي مائننگ انڊسٽري جي تعمير ڪندو. سنڌ حڪومت جي ڪردار تي روشني وجهندي مراد شاهه چيو ته صوبي وڏن مائننگ منصوبن ۾ ريگوليٽر، سهولتڪار ۽ ترقياتي ڀائيوار جي طور تي ڪم ڪيو آهي. هن نوٽ ڪيو ته حڪومت ٿر جي ڪوئلي جي وسيلن جي ترقيءَ لاءِ ضروري قانوني فريم ورڪ، مائننگ ليز، انفراسٽرڪچر ۽ ادارا جاتي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ مائننگ جا ٻه وڏا منصوبا – بلاڪ-I جيڪو سائنو سنڌ ريسورسز لميٽيڊ تيار ڪيو آهي ۽ بلاڪ-II جيڪو سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني تيار ڪيو آهي هن وقت سالياني 15 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو پيدا ڪري رهيا آهن ۽ نيشنل گرڊ لاءِ تقريبن 2,640 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. وڏي وزير جي مطابق اهي منصوبا گهريلو ٻارڻ تي دارومدار گهٽائي پاڪستان کي سالياني 1.5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ڪرائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ٿر مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 3,000 ميگاواٽ تائين پهچڻ جي اميد آهي. ٿر جي ڪاٿو لڳايل 175 ارب ٽن لگنائٽ ذخيرن، جيڪي دنيا ۾ ڪوئلي جي سڀ کان وڏن ذخيرن مان هڪ آهن، جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان وسيلي هيل تائين صرف هڪ ننڍڙو حصو ئي تيار ڪيو ويو آهي جنهن مان مستقبل جي سيڙپڪاري ۽ توسيع لاءِ اهم موقعا موجود آهن. منصوبي جي تاريخ بيان ڪندي مراد شاهه ياد ڏياريو ته ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا 1980 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ دريافت ٿيا هئا ۽ 1990 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ انهن جي تصديق ٿي هئي پر ريگوليٽري فريم ورڪ، مالي رعايتون ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي کوٽ سبب تقريبن ٻن ڏهاڪن تائين ترقيءَ جي رفتار سست رهي. هن چيو ته 2008 ۾ ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ جي قيام، ۽ گڏوگڏ سنڌ حڪومت پاران انفراسٽرڪچر ۾ ڪيل وڏي سيڙپڪاريءَ منصوبي جو رخ بدلائي ڇڏيو. صوبائي حڪومت مائننگ جي ڪمن ۾ مدد ڏيڻ ۽ خطي ۾ زندگيءَ جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ رستن، پُلن، عمارتن، هڪ ايئرپورٽ ۽ ٻين اهم انفراسٽرڪچر تي تقريبن 750 ملين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٿر جي ترقيءَ جو تصور هميشه صرف هڪ توانائي جي منصوبي طور نه پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کان متاثر ٿي هڪ انساني ترقيءَ جي اقدمن طور ڪيو ويو هو. هن چيو اسان جو ايمان هميشه کان اهو رهيو آهي ته قدرتي وسيلا حقيقي قدر تڏهن ئي پيدا ڪندا آهن جڏهن مقامي برادريون پنهنجي زندگيءَ جي معيار ۾ واضح بهتري جو تجربو ڪن. هن ٿر فاؤنڊيشن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڪيترن ئي سماجي ترقيءَ جي ڪاميابين کي نمايان ڪيو، جن ۾ 5,000 کان وڌيڪ شاگردن کي خدمتون فراهم ڪندڙ 75 کان وڌيڪ اسڪولن جو قيام، تقريبن پنج لک مريضن لاءِ صحت جون مفت خدمتون، هر مهيني تقريبن هڪ ڪروڙ ويهه لک ليٽر پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ 33 ريورس اسموسس پلانٽس، ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ وڻن جو پوکڻ شامل آهي.. وڏي وزير چيو ته ٿر جي تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته ذميواراڻي وسيلن جي ترقي، ماحولياتي ذميواري ۽ ڪميونٽي جي بهبود گڏجي هلي سگهن ٿا. هن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته اهي پاڪستان جي ڪوئلي، ٽامي، سون، ناياب زميني معدنيات ۽ ٻين اسٽريٽجڪ وسيلن جي وسيع ذخيرن جي ترقيءَ لاءِ پڻ اهڙي ئي قسم جا اصول لاڳو ڪن. مراد شاهه يونيورسٽين، تحقيقي ادارن، ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙن ۽ مائننگ ڪمپنين کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ هڪ مستقل فورم طور ڪم ڪرڻ لاءِ مائننگ انڊسٽري پليٽ فارم جي قيام تي بحث جو پڻ خيرمقدم ڪيو. هن چيو ته اهڙو پليٽ فارم سڄي شعبي ۾ جدت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي تيز ڪري سگهي ٿو. ميڊيا سان گفتگو دوران سياسي معاملن ڏانهن رخ ڪندي، وڏي وزير ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ کي معطل ڪندڙ تازن احتجاجي مظاهرن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هر شهريءَ جو احتجاج ڪرڻ جمهوري حق آهي، پر اهڙن مظاهرن سان عوام کي پريشانيءَ سامھون نه اچڻ گهرجي يا شهر جي رستن جي نيٽ ورڪ کي مفلوج نه ڪيو وڃي. هن چيو احتجاج جي انتظاميا کان اجازت وٺڻ گهرجي ته جيئن عوام جي سهولت لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به رستا بلاڪ ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جي وهڪري کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، انتظاميا ضروري قدم کنيا. ڪڻڪ جي خريداري ۽ غذائي تحفظ سان لاڳاپيل سوالن جو جواب ڏيندي مراد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي اسٽيٽ ٽريڊنگ ميڪانزم تحت ڏهه لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا آهن. ان نظام تحت، ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ بئنڪن کان قرض ورتو ويندو آهي ۽ ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ کان پوءِ قرض واپس ڪيا ويندا آهن، ۽ فنانسنگ لاڳت جو ڪجهه حصو حڪومت سبسڊي طور ڏيندي آهي. هن چيو ته ضرورت پوڻ تي پنج لک ٽن امپورٽيڊ ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ پڻ فنڊ دستياب ڪرايا ويا آهن. تنهن هوندي به هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت مقامي آبادگارن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ غير ضروري درآمدات کان پاسو ڪندي جيڪا مقامي پروڊيوسرز کي منفي طور متاثر ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته حڪومت ذخيرو اندوزي ۽ منافعي خوريءَ خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ذريعي تقريبن ٽي لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪئي آهي جنهن سان صوبي ۾ اٽي جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. مائننگ سيڪٽر ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس جي ڪاميابيءَ تي مراد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت، اينگرو، چيني سيڙپڪارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ تعاون واضح نتيجا ڏنا آهن. هن چيو جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو شڪ آهي ته ان کي ٿر جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ هڪ ڪامياب پارٽنرشپ ماڊل جو مشاهدو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪندي وڏي وزير سيڙپڪاريءَ جي سهولتڪاري، جدت جي حوصلي افزائي، ريگوليشن کي مضبوط ڪرڻ، انفراسٽرڪچر کي وسعت ڏيڻ ۽ اهڙن قدمن جي حمايت ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم کي ورجايو جيڪي جامع ۽ پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائيندي پاڪستان جي معدني دولت کي نمايان ڪن. هن چيو هن ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جو اندازو صرف اڄ جي گفتگو مان نه لڳايو ويندو، پر ان مان جنم وٺندڙ ڀائيوارين، جدت ۽ ادارن مان لڳايو ويندو. اسان گڏجي پاڪستان جي معدني وسيلن کي پنهنجي عوام لاءِ طويل مدتي خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا.











