فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو صوماليه جي سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڀرپرو سهڪار جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو صوماليه جي سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڀرپرو سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو صوماليه جي سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڀرپرو سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان وفاقي جمهوريه صوماليه جي دفاع واري وزير سفير احمد معلم فقي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽيءَ جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عسڪري سطح تي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ سگهه وڌائڻ جي قدمن جي اهميت تي زور ڀريو ويو. صومالي وفد جي سربراهه علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي ڪردار کي ساراهيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، صوماليه جي سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڀرپور سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.