جده - 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي جده پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب جده پهچڻ تي مڪه جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشال بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي زراعت، پاڻي ۽ ماحوليات واري وزير انجنيئر عبدالرحمان بن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي جده پهچي ويو
جده – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود جي دعوت تي سعودي عرب جي دوري تي جده پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب جده پهچڻ تي مڪه جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشال بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي زراعت، پاڻي ۽ ماحوليات واري وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالمحسن الفضلي، پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ اعلى سفارتي عملدارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلسعود سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم دوري دوران عمرو ادا ڪندو ۽ مدينه منوره ۾ رسول ڪريم ﷺ جي روضي تي حاضري پڻ ڀريندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.











