رياض-24 مارچ (اي پي پي) يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف چيو آهي ته سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ يوڪرين ۽ آمريڪي اختيارين وچ ۾ تازو ٿيل ڳالهين جو دور لاڀائت . پرڏيهي خابرواداري ميڊيا موجب سندس چوڻ هيو ته اسان آمريڪي وفد سان ڳالهيون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ويو ته ڳالهيون نتيجي جوڳيون هيون. اسان توانائي سميت انهن ُنُڪتن تي ڳالهيون ڪيون. يوڪرين منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي پنهنجي مقصد کي حقيقي بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي ٺڪاڻن ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي تحفظ جي تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جيڪا آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ پاران 03 سالن جي جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششن جو حصو آهي. سعودي عرب ۾ ٿيل ملاقات جيڪا گذريل ڏينهن آمريڪي ۽ روسي وفدن وچ ۾ باضابطه ڳالهين کان اڳ ٿي آهي. هڪ اهڙي وقت ٿي جڏهن آمريڪا جو خصوصي ايلچي اسٽيووٽڪوف ٻي عالمي جنگ بعد يورپ جي خترناڪ ترين تڪرار جي خاتمي جي امڪانن بابت اميد جو اظهار ڪيو.