نيويارڪ -24مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سفير عاصم افتخار احمد قوم جي باني جي ڏنل سبقن ۽ قدرن کي اپنائڻ تي زور ڀريو. هي ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي وطن سان وابستگي جي تجديد لاءِ آمريڪا جي مختلف حصن ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. گذريل ڏينهن چانسلري بلڊنگ ۾ منعقد تقريب ۾ آفيسرن، عملي ۽ سندن گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نامزد مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته قرباني، لچڪ ۽ اتحاد جو جذبو ئي آهي جنهن پاڪستان جي آزادي واري جدوجهد جي تعريف ڪئي آهي، قوم کي مختلف چئلينجز مان گذرندي اميد جي تحريڪ جاري آهي، هن چيو ته 85 سال اڳ اڄ جي ڏينهن تاريخي مينار پاڪستان تي گڏ ٿيل لکين مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ اڳواڻي ۾ پاڪستان جي قيام جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ استقامت، حوصلي ۽ بي لوث هئڻ جو لازوال مثال قائم ڪيو. جيڪڏهن اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ٻنهي زندگين ۾ پنهنجي باني جي ڏنل سبقن ۽ قدرن کي اپنائينداسين ته ڪو به سبب ناهي جو اسان پاڪستان کي مضبوطي سان ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن نه ڪري سگهون. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڪهڙي ريت پاڪستان جي باني آزادي واري تحريڪ دوران گهڻ رخو نقطه نظر اپنايو، جنهن ۾ عورتن، شاگردن ۽ نوجوانن سميت زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي متحرڪ ڪيو. هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قائداعظم پاڪستان لاءِ آئيني، سياسي ۽ جمهوري جدوجهد ڪئي ۽ عوام جي اڻٽٽ حمايت سان پنهنجي رستي جون سموريون رڪاوٽون پار ڪيون. هن پاڪستان جي 78 سالن جي سفر تي روشني وڌي ۽ قوم کي پيش آيل ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جو اعتراف ڪيو. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سندن قربانين تي خاص خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي هو روزاني ڊيوٽي دوران ڏيندا رهندا آهن. هن چيو ته اسان قومي اتحاد جي طاقت سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. پاڪستاني ايلچي فيبروري 2019ع ۾ ڀارت طرفان پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪ فضائيه جي پرعزم رد عمل جو حوالو ڏيندي چيو ته ان واقعي ڪنهن به پرڏيهي جارحيت خلاف مادر وطن جي دفاع جي مضبوط اسٽريٽجڪ ڊيٽرنس قائم ڪيو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪرڻ پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ذميواري آهي. هن ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي وڪالت جاري رکڻ جو عزم به ورجايو. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ اسان جي حمايت به مڪمل طور تي برقرار آهي. هن اهو ياد ڪرائيندي چيو ته 1940ع جي لاهور واري ٺهراءَ ۾ به فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ان موقعي تي نامزد پاڪستاني نمائندي قومي جهنڊو به ڦڙڪايو، جڏهن ته قومي ترانو به وڄايو ويو.