نئين دھلي – 24 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي اتر پرديش رياست ۾ بي جي پي جي مقامي اڳواڻ پنھنجي زال ۽ ٽن ٻارن تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ سندس زال سخت زخمي ٿي پئي ۽ سندس ٽئي ٻار فوت ٿي ويا. پرڏيھي خابرو اداري مطابق اھو واقعو اتر پرديش جي ضلعي سھارنپور جي ڳوٺ سانگا ٺيڊا ۾ پيش آيو جتي بي جي پي جي اڳوڻي نائب صدر ۽ تازو ضلعي ايگزيڪيوٽو جي چونڊيل ميمبر يوگيش روھلاني پنھنجي لائسنس واري ريوالور سان سندس 40 ورھين جي زال نيھا، 11 ورھين جي ڌيءَ شرڌا، 6 ورھين جي پٽ ديوانش ۽ 5 ورھين جي پٽ شيوانش تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس نياڻي شرڌا موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. پوليس موقعي تي پھچي سندس ٻن زخمي پٽن ۽ زال کي علاج لاءِ ضلعي اسپتال منتقل ڪيو جتي علاج دوران سندس ٻئي پٽ فوت ٿي ويا جڏھن ته سندس زال نيھا کي ھائر سينٽر ريفر ڪريو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آھي.