رياض – 24 مارچ (اي پي پي) سعودي اسلامي معاملن واري وزارت مُلڪ جي سمورن ريجنز جي مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيدالفطر جي نماز ام القري ڪلينڊر مطابق سج اڀرڻ جي 15 منٽ بعد ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ وزارت جي برانچن کي گذريل ڏينهن سرڪيولر جاري ڪيو جنهن ۾ سمورن جامع مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ نماز جو اهتمام ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته عيدگاهن ۾ نماز ادا ڪئي ويندي جڏهن ته برسات جي صورت ۾ مقرر ڪيل مسجد ۾ عيد جي نماز ٿيندي . سرڪيولر ۾ مينٽيننس ڪمپنين کي عيدالفطر نماز لاءِ سمورا انتظام ۽ ضروري خدمتون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مملڪت جي هر علائقي ۾ عيد الطفر ملهائڻ لاءِ مخصوص روايتون آهن پر ان سڀني ۾ جيڪا شيءِ گڏيل آهي اها آهي دعا، خيرات، مهمان نوازي، سٺو کاڌو، عمده لباس، سجاوٽ ۽ رشتيدارن سان گڏ وقت گذارڻ آهي.