سانتياگو -24 مارچ (اي پي پي) چلي جي سامونڊي علائقي ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل ڏينهن جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز موجب چلي جي سامونڊي علائقي ويجهو سومر ڏينهن 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. زلزلي جي اوناهي 57 ڪلوميٽر (اٽڪل 35 ميل) هئي. زلزلي جي نتيجي ۾ فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته مقامي اختياريون صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.