رياض -23 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي هڪ هفتي دوران 25 هزار غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اهي گرفتاريون 13 مارچ کان 19 مارچ 2025ع ۾ ٿيون آهن. جڏهن ته گرفتار ٿيلن مان 17886 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 4247 گرفتار ٿيل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ 3017 پرڏيهي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا. هن چيو ته ڄاڻايل عرصي دوران 1553 ماڻهو گرفتار ٿيا جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن مان 28 سيڪڙو يمني 69 سيڪڙو ايٿوپي، جڏهن ته 3 سيڪڙو ٻين ملڪن جا پرڏيهي هئا.