نئين دهلي-21 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن قراداد لاهور جي ياد ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ مختلف قسمن جا پاڪستاني کاڌا پيش ڪيا ويا. شاندار تقريب ۾ سياسي شخصيتن، سفارتڪارن، واپارين، ميڊيا جي نمائندن ۽ سول سوسائيٽي جي ميمبرن سميت مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ چانسري جي لان ۾ مهمانن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 23 مارچ 1940ع جي لاهور جي اهم قرارداد ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ اميد جو ڏيئو هئي جنهن تحريڪ پاڪستان جي شروعات ڪئي ۽ ان کانپوءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ ۽ ولوله انگيز قيادت ۾ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جي تڪميل جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان قائد جي جديد، ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي ويزن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي،هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عالمن امن ۽ سلامتي ۽ اجتماعي فلاح ۽ بهبود ۽ عالمي تعاون کي وڌائڻ جي لازوال نظريي تي قائم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان مستقل برابري، گڏيل احترام ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن تي ٻڌل ٻين رياستن سان دوستاڻي لاڳاپن جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل مسئلن جي حل لاءِ سفارتڪاري جو رستو پهرين کان وڌيڪ ضروري آهي.