گڏيل قومون _ 21 مارچ (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته هو روس يوڪرين تڪرار جي خاتمي بابت ڳالهين ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي نائب ترجمان فرحان حق جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان ڳالهين جي عمل ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سيڪريٽري جنرل ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ ڌرين جي رضامندي لازمي آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومون ماضي ۾ به ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاملن سميت خاص ڪري ڳاڙهي سمنڊ جي اناج بابت ٽياڪڙي ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ آئينده به تيار آهي.