اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل پاران فلسطيني علائقن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي انساني امداد جي معطلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اهڙا جابراڻا قدم ناقابل قبول آهن، عالمي برادري اسرائيلي پابنديون ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان …
وزيراعظم پاران اسرائيل پاران فلسطيني علائقن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي انساني امداد جي معطلي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل پاران فلسطيني علائقن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي انساني امداد جي معطلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اهڙا جابراڻا قدم ناقابل قبول آهن، عالمي برادري اسرائيلي پابنديون ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان فلسطيني علائقن ڏانهن موڪلي ويندڙ خوراڪ ۽ دوائن سميت انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد معطل ڪرڻ ۽ علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي کي محدود ڪرڻ جي لاءِ بجلي جي فراهمي روڪڻ جي اسرائيلي قدم جي مذمت ڪريون ٿا، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اهڙا جابراڻا قدم انتهائي مذمت جوڳا آهن ڇو ته ان سان عورتن ۽ ٻارن سميت لکين معصوم فلسطينين جون زندگيون خطري ۾ آهن.











