وزيراعظم پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ افطار ۽ آجياڻو

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ افطار ۽ آجياڻو ڏنو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سندس قيادت ۾ حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ افطار ۽ آجياڻو ڏنو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سندس قيادت ۾ حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چئني صوبن ۾ عوامي امنگن تي پورو لهڻ ۽ وفاقي حڪومت سان تعاون سان عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جو مستقبل بهتر ڪرڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۽ عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر قدم ۾ حڪومت کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي. پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم جي حڪومتي معاملن ۾ اتحادين سان مشاورت، انهن جي راءِ جي احترام ۽ انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں