اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته انتهاپسنداڻي نظرين، تشدد جي حمايت ڪندڙ عسڪريت پسندي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته موجوده اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن، دهشتگردي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، اڄ دهشتگردن کي جيڪا ٻاهرئين سپورٽ ۽ فنڊنگ ملي رهي آهي ان کان اسان سڀ واقف آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، اسان ٻيهر دهشتگردي کي ڪَر کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. صدر چيو ته پنهنجي قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي تعاون سان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب ڪاررواين جي نتيجي ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ختم ڪيو ويو، پوري قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عسڪريت پسندي جون پاڙون محرومي ۽ اڻبرابري ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون، ان لاءِ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ خطن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ روزگار پيدا ڪرڻ گهرجي.