اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي)ڊ اڪٽر طارق فضل چوڌريءَ پارلياماني معاملن واري وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي. پارلياماني معاملن واري وزارت پهچڻ تي وزارت جي عملدارن سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي کيس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذميوارين ۽ دائره ڪار تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ان موقعي تي چيو ته هو ملڪ ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني معاملن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي فورم تي سمورين ڌرين وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهين کي يقيني بڻائڻ لاءِ به هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ قانونسازن وچ ۾ هم آهنگي ۽ ملڪ ۾ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عزم جو به اظهار به ڪيو.