اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) هارون اختر خان وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خصوصي معاون جو عهدو سنڀالي ورتو. ان موقعي تي هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ويزن مطابق صنعتي ترقي مجموعي اقتصادي ترقي لاءِ فيصلائتي حيثيت رکي ٿي، وزيراعظم صنعتي ترقي کي اولين ترجيح ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ان دوران وزيراعظم جي خصوصي معاون هارون اختر کي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيڪريٽري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن تي بريفنگ ڏني. هارون اختر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪ ۾ صنعتي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندي.