اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 16هين پارليامينٽ جي ٻئي پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي اٺين خطاب دوران به هن حسب روايت ڊائس تي شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير رکي جيڪا ان جي لاءِ نه رڳو عقيدت پر جمهوري جدوجهد جي علامت آهي. اهو منظر هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ ۾ بينظير ڀٽو جي لازوال سياسي وراثت ۽ جمهوري قدرن سان صدر زرداري جي گهري وابستگي جو اظهار ڪري رهيو هو.