اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ جي علائقي تانده ڊيم ويجهو پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته خيبر پختونخوا پوليس جي بهادرن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فائرنگ سبب شهيد ٿيل 2 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن غلام مصطفيٰ ۽ زاهد الرحمان جي قرباني کي سلام پيش ڪيان ٿو. گهرو وزير شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوليس اهلڪارن غلام مصطفيٰ ۽ زاهد الرحمان شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي، خيبر پختونخوا پوليس جي بهادر پٽن جون عظيم قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.