لاهور -09 مارچ (اي پي پي) پبلڪ افيئر يونٽ واري وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال چيو آهي، ته عوام جي مسئلن جو حل ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف اهو ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ناممڪن سمجهيو ويندو هو. موجوده حڪومت جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ڏيوالي طرف وڃي رهيو هو پر اڻٿڪ محنت ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويو. انهن خيالن جو اظهار هن خيابان امين ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو ڪو به دوست ملڪ نه بچيو هو، پر هاڻي پرڏيهي پاليسي کي بهتر بڻائي عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ڪئي وئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته جهڙي ريت 9 مئي جي واقعن ۾ ملڪ کي نقصان پهچايو ويو اهو ڪنهن دشمن به نه ڪيو، پي ٽي آءِ، جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪرايا، ڇاڻيون ۾ باهيون ڏنيون ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن کي تاريخ جو ڪارو باب سمجهيو وڃي ٿو.هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت کي سنڀاليو، مهنگائي 38 سيڪڙو مان گهٽجي 1.6 سيڪڙو تائين اچي وئي. پاڪستان جي ترقي جلد پوري ايشيا ۾ نظر ايندي. هن چيو ته رمضان پئڪيج تحت 40 لک خاندانن کي سڌي ريت امداد پهچائي پئي وڃي. جڏهن ته پهرين ماڻهو يوٽيليٽي اسٽورز تي ڌڪا کائيندا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبر پختونخوا جو ڏيوالو ڪڍيو ويو آهي، علي امين گنڊاپور صرف ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪري رهيو، مريم نواز جا ترقياتي منصوبا علي امين جي دعوائن تي ڳرا پئجي ويا آهن. هن چيو ته گرين پاسپورٽ جي عزت واپس بحال ڪئي ويندي جنهن لاءِ وزيراعظم جي ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، دهشتگردي خلاف پاڪ فوج حياتيون قربان ڪري رهي آهي، افغان سر زمين تان حملن جو سخت نوٽيس ورتو ويو ۽ افغان حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صنعتن کي 11 روپيا ۽ گهريلو صارفين کي 4 روپيا في يونٽ بجلي جو رليف ڏنو پيو وڃي. جلد اگهه 25 کان 26 روپيا في يونٽ تائين آڻڻ جو هدف آهي. سولرائزيشن منصوبي سان عوام کي سڌي ريت فائدوٿيندو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا پيا وڃن. پاڪ فوج جي سپھ سالار جي قيادت م دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن، پاڪستان کي امن جو گهر بڻائينداسين