گکڙ(گوجرانوالا) -08 مارچ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي بانيءَ نفرت جي سياست سان قوم کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ ان جي پارٽي ورهائجي چڪي آهي، 9 مئي وارن هن ملڪ جي دفاعي ادارن تي حملا ڪيا ۽ 28 مئي وارن ملڪ جي بچاءَ کي اڻمٽ بڻائي ڇڏيو، پاڪستان بچائيندڙن ۽ پاڪستان برباد ڪندڙن وچ ۾ فرق هميشه رهندو. گذريل ڏينهن هتي مختلف ترقياتي رٿائن جي افتتاح جي موقعي تي عوامي ميڙاڪي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو، عوام هميشه مسلم ليگ (ن) جي آواز تي تي لبيڪ چيو، گکڙ جي ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، هتي جي عوام هميشه مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏنو. وفاقي وزير چيو ته هڪ سال اڳ هن ملڪ ۾ شرطون لڳي رهيون هيون ته هي ملڪ ڊفالٽ ڪري ويندو، ڪجهه بدبخت ڊفالٽ جون دعائون گهري رهيا هئا، هڪ پاسي پاڪستان بچائڻ وارا ماڻهو هئا ته ٻئي پاسي پاڪستان کي برباد ڪندڙ هئا. پاڪستان کي برباد ڪندڙن آءِ ايم ايف کي خط لکيا، انهن ماڻهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ هڪ سر به نه لڳائي پر اسان جي منصوبن کي به تباهه ۽ برباد ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اڄ پوري دنيا جا مالياتي ادارا پاڪستان جي معيشت جو اعتراف ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا معاشي اهڃاڻ بلند ترين سطح تي آهن، مهانگائي گهٽجي رهي آهي، وياج جي شرح هيٺ اچي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وڃي رهيو آهي ۽ ملڪ ڊفالٽ کان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ طرف 9 مئي وارا آهن ۽ ٻئي طرف 28 مئي وارا. 9 مئي وارن هن ملڪ جي دفاعي ادارن تي حملا ڪيا ۽ 28 مئي وارن هن ملڪ جي دفاع کي اڻمٽ بڻائي ڇڏيو. هي فرق هميشه رهندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ اهڙي پارٽي آهي، جنهن جي ليڊر 190 ملين پائونڊ جو غبن ڪيو، جنهن جون پوري دنيا ۾ هيڊ لائينون لڳيون. هن چيوته پي ٽي آءِ جي باني هن ملڪ خلاف سازشون ڪيون، محب وطن پارٽي جي سربراهه محمد نواز شريف خلاف سازش ڪئي، نواز شريف هن ملڪ ۾ موٽر ويز جا ڄار وڇايا، لوڊ شيڊنگ جو خاتمو ڪيو، هو جديد پاڪستان جو معمار آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي نئين بلندين تائين پهچايو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پوري پنجاب ۾ تعمير ۽ ترقي جو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان بچائيندڙن ۽ پاڪستان برباد ڪندڙن وچ ۾ فرق رهندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو باني اڄ جيل ۾ سهولتون گهري رهيو آهي. هن قوم جي ٻارن جي ذهنن کي زهريلو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سوشل ميڊيا جو بخار به لهي چڪو آهي. هاڻي سندس هٿ ۾ ڪجهه به نه رهيو. هن خاندانن ۽ دوستن ۾ جهيڙا ڪرايا، ماڻهن کي نفرت تي ڀڙڪايو اڄ سندس پارٽي 10 حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي. هن چيو ته قوم کي ورهائيندڙن جي اڄ پنهنجي ئي پارٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي. هن بدنيتي سان اقتدار ۽ پئسي جي حوس جي سياست ڪئي. هن چيو ته سياست خدمت جو نالو اهي، نفرت، وراثت، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جي سياست ڪندڙ اڄ بي معنيٰ ٿيندا پيا وڃن، انهن جو ڪو به نالو نه پيو وٺي. هن چيو ته پاڪ فوج تي الزام لڳائيندا هئا، اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي، جنهن جا جوان، سپاهي۽ آفيسر هن ملڪ جي سلامتي خاطر جانيون قربان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي برباد ڪيو، نفرت جو ٻج ڇٽيو، فوج خلاف بيانئو ٺاهيو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو، دهشتگردن کي واپس آندا. هن چيو ته اسان ان علائقي جو قرض لاهڻ آيا آهيون. اوهان کي ان تڪ ۾ ڪا به اهڙي جاءِ نه ملندي جتي ترقياتي ڪم نه ٿي رهيا هجن، علائقي جي عوام اسان تي اعتماد ڪيو ۽ جيڪو پيار ۽ محبت ڏنو، اسان جو به فرض بڻجي ٿو ته علائقي جي خدمت ڪيون. ان لاءِ پير ڪوٽ کان شروع ٿيندڙ 8 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ تي ڪم جي شروعات ڪئي پئي وڃي. ايندڙ سالن ۾ هن تڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائينداسين.