اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) انساني حقن جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن جي خدمتن جو اعتراف ڪندي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو آهي. انساني حقن واري وزارت جي جاري ڪيل پڌرائي موجب جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير چيو آهي ته هڪ منصفاڻو ۽ اسريل معاشرو ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن عورتن کي برابري جا موقعا ميسر هجن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي هر قسم جي متڀيد واري سلوڪ ۽ تشدد جو خاتمو ڪيو وڃي. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي آئيني ۽ عالمي واعدن جي پاسداري لاءِ پرعزم آهي. حڪومت صنفي بنياد تي تشدد، ڪم جي جاءِ تي هراسان ڪرڻ ۽ ننڍي عمر ۾ شادي جهڙن سنگين مسئلن خلاف قانون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ سان گڏوگڏ اداره جاتي مدد لاءِ هيلپ لائنز، تحفظ مرڪزن ۽ شڪايت ۽ ازاله سيل کي وڌيڪ سرگرم بڻائي رهي آهي. جاري ڪيل پيغام ۾ هن معاشري ۽ قومي ترقي لاءِ عورتن جي بي مثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هڪ اهڙو معاشرو جوڙيو وڃي جتي هر عورت بنا ڪنهن خوف ۽ متڀيد واري سلوڪ جي پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي، اچو ته اسان سڀ گڏجي عورتن لاءِ برابري، انصاف ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪيون.